Sindhi - Sorah Al-Insan ( Man )

Noble Quran » Sindhi » Sorah Al-Insan ( Man )

Choose the reader


Sindhi

Sorah Al-Insan ( Man ) - Verses Number 31
هَلْ أَتَىٰ عَلَى الْإِنسَانِ حِينٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُن شَيْئًا مَّذْكُورًا ( 1 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 1
ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي جو (ھو اھڙي) ڪا شيءَ نه ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي.
إِنَّا خَلَقْنَا الْإِنسَانَ مِن نُّطْفَةٍ أَمْشَاجٍ نَّبْتَلِيهِ فَجَعَلْنَاهُ سَمِيعًا بَصِيرًا ( 2 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 2
بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.
إِنَّا هَدَيْنَاهُ السَّبِيلَ إِمَّا شَاكِرًا وَإِمَّا كَفُورًا ( 3 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 3
بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر.
إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ سَلَاسِلَ وَأَغْلَالًا وَسَعِيرًا ( 4 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 4
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير يا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.
إِنَّ الْأَبْرَارَ يَشْرَبُونَ مِن كَأْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُورًا ( 5 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 5
بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي.
عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللَّهِ يُفَجِّرُونَهَا تَفْجِيرًا ( 6 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 6
اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا.
يُوفُونَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُونَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهُ مُسْتَطِيرًا ( 7 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 7
جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي.
وَيُطْعِمُونَ الطَّعَامَ عَلَىٰ حُبِّهِ مِسْكِينًا وَيَتِيمًا وَأَسِيرًا ( 8 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 8
۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن.
إِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللَّهِ لَا نُرِيدُ مِنكُمْ جَزَاءً وَلَا شُكُورًا ( 9 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 9
(۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون.
إِنَّا نَخَافُ مِن رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوسًا قَمْطَرِيرًا ( 10 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 10
بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي.
فَوَقَاهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذَٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقَّاهُمْ نَضْرَةً وَسُرُورًا ( 11 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 11
پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي.
وَجَزَاهُم بِمَا صَبَرُوا جَنَّةً وَحَرِيرًا ( 12 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 12
۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين.
مُّتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الْأَرَائِكِ ۖ لَا يَرَوْنَ فِيهَا شَمْسًا وَلَا زَمْهَرِيرًا ( 13 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 13
اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا.
وَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلَالُهَا وَذُلِّلَتْ قُطُوفُهَا تَذْلِيلًا ( 14 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 14
۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا.
وَيُطَافُ عَلَيْهِم بِآنِيَةٍ مِّن فِضَّةٍ وَأَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَارِيرَا ( 15 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 15
۽ روپن ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي جي شيشن وانگر ھوندا.
قَوَارِيرَ مِن فِضَّةٍ قَدَّرُوهَا تَقْدِيرًا ( 16 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 16
(پر) شيشا (به) چاندي جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري انداز سان ٺھرايو آھي.
وَيُسْقَوْنَ فِيهَا كَأْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنجَبِيلًا ( 17 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 17
۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا جنھن (جي پاڻي) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي.
عَيْنًا فِيهَا تُسَمَّىٰ سَلْسَبِيلًا ( 18 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 18
اُتي اھو ھڪ چشمو آھي جنھن جو نالو سَلۡسَبِيۡل رکيو وڃي ٿو.
وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُونَ إِذَا رَأَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنثُورًا ( 19 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 19
۽ وٽن ھميشه رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا، (اي ڏسندڙ) جڏھن انھن کي ڏسندين (ته) انھن کي کنڊريل موتي پيو ڀائيندين.
وَإِذَا رَأَيْتَ ثَمَّ رَأَيْتَ نَعِيمًا وَمُلْكًا كَبِيرًا ( 20 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 20
۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين.
عَالِيَهُمْ ثِيَابُ سُندُسٍ خُضْرٌ وَإِسْتَبْرَقٌ ۖ وَحُلُّوا أَسَاوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقَاهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُورًا ( 21 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 21
مٿانئن سنھي سائي پَٽ ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا، ۽ چاندِيءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا، ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو.
إِنَّ هَٰذَا كَانَ لَكُمْ جَزَاءً وَكَانَ سَعْيُكُم مَّشْكُورًا ( 22 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 22
بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي.
إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْآنَ تَنزِيلًا ( 23 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 23
بيشڪ اسان توتي قرآن درجي بدرجي لاٿو.
فَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تُطِعْ مِنْهُمْ آثِمًا أَوْ كَفُورًا ( 24 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 24
پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ.
وَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ بُكْرَةً وَأَصِيلًا ( 25 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 25
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر.
وَمِنَ اللَّيْلِ فَاسْجُدْ لَهُ وَسَبِّحْهُ لَيْلًا طَوِيلًا ( 26 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 26
۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ.
إِنَّ هَٰؤُلَاءِ يُحِبُّونَ الْعَاجِلَةَ وَيَذَرُونَ وَرَاءَهُمْ يَوْمًا ثَقِيلًا ( 27 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 27
بيشڪ اُھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳوري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن.
نَّحْنُ خَلَقْنَاهُمْ وَشَدَدْنَا أَسْرَهُمْ ۖ وَإِذَا شِئْنَا بَدَّلْنَا أَمْثَالَهُمْ تَبْدِيلًا ( 28 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 28
اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (ته) اھڙا ٻيا عوض ۾ مٽائي آڻيون.
إِنَّ هَٰذِهِ تَذْكِرَةٌ ۖ فَمَن شَاءَ اتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِ سَبِيلًا ( 29 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 29
بيشڪ اھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.
وَمَا تَشَاءُونَ إِلَّا أَن يَشَاءَ اللَّهُ ۚ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًا ( 30 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 30
۽ اوھين نه گھرندؤ مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
يُدْخِلُ مَن يَشَاءُ فِي رَحْمَتِهِ ۚ وَالظَّالِمِينَ أَعَدَّ لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا ( 31 ) Al-Insan ( Man ) - Ayaa 31
جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.

Random Books

  • المنظار في بيان كثير من الأخطاء الشائعة-

    Source : http://www.islamhouse.com/p/193719

    Download :المنظار في بيان كثير من الأخطاء الشائعةالمنظار في بيان كثير من الأخطاء الشائعة

  • المحرمات استهان بها الناس-

    Source : http://www.islamhouse.com/p/193721

    Download :المحرمات استهان بها الناسالمحرمات استهان بها الناس

  • شفاعت جو بيان-

    Formation : محمد اقبال ڪيلاني

    Translators : سكندر عباسي

    Source : http://www.islamhouse.com/p/193727

    Download :شفاعت جو بيان

  • اعتقاد الأئمة الأربعةاما بعد! مون ”امام ابو حنيفه جي نظر ۾ دين جا اصول“ جي موضوع تي ڊاڪريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مفصل مقالو لکيو هو ۽ ان جي مقدمي ۾ ٻين ٽن امامن يعني مالڪ، شافعي ۽ احمد جي عقيدي جي تلخيص به شامل ڪري ڇڏي هئي. تنهن تي ڪن عالمن مون کان گهر ڪئي ته انهن ٽنهي امامن جي عقيدي جو ڌار ڌار ذڪر ڪريان، پر مون ائمه اربعه جي عقيدي جي ذڪر جي تڪميل جي پيشِ نظر اهو مناسب سمجهيو ته پنهنجي ڪتاب جي مقدمي ۾ جيڪي ڪجهه مون بيان ڪيو آهي، ان سان گڏ هن بحث جي به تلخيص شامل ڪري ڇڏيان، جنهن ۾ مون توحيد، تقدير ۽ ايمان ۽ اصحابين جي باري ۾ امام ابوحنيفه جي عقيدي ۽ علم ڪلام جي باري ۾ سندس موقف کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. الله کان دعا آهي ته اهو هن عمل کي قبوليت جي سند عطا فرمائي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي ڪتاب ۽ پنهنجي رسول صلى الله عليه وسلم جي سنت تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ الله هن قصد جي پٺيان آهي ۽ اهو ئي اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ بهترين ڪارساز آهي.

    Source : http://www.islamhouse.com/p/193717

    Download :اعتقاد الأئمة الأربعةاعتقاد الأئمة الأربعة

  • التمائم في ميزان الاسلام-

    Source : http://www.islamhouse.com/p/193725

    Download :التمائم في ميزان الاسلامالتمائم في ميزان الاسلام

Choose language

Choose Sorah

Random Books

Choose tafseer

Participate

Bookmark and Share