Sindhi - Sorah As-Saff ( The Row )

Noble Quran » Sindhi » Sorah As-Saff ( The Row )

Choose the reader


Sindhi

Sorah As-Saff ( The Row ) - Verses Number 14
سَبَّحَ لِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۖ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ ( 1 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 1
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لِمَ تَقُولُونَ مَا لَا تَفْعَلُونَ ( 2 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 2
اي ايمان وارؤ جيڪي نه ڪندا آھيو سو ڇو چوندا آھيو.
كَبُرَ مَقْتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقُولُوا مَا لَا تَفْعَلُونَ ( 3 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 3
الله وٽ اھا (ڳالھ) ڏاڍي ناپسند آھي جو اُھا (ڳالھ) چئو جا نٿا ڪريو.
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذِينَ يُقَاتِلُونَ فِي سَبِيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنْيَانٌ مَّرْصُوصٌ ( 4 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 4
بيشڪ الله انھن کي دوست رکندو آھي جي سندس واٽ ۾ (اھڙي) صف ٻڌي وڙھندا آھن (جو) ڄڻڪ اُھي ھڪڙي سِيھي پلٽيل ڀِت آھن.
وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ يَا قَوْمِ لِمَ تُؤْذُونَنِي وَقَد تَّعْلَمُونَ أَنِّي رَسُولُ اللَّهِ إِلَيْكُمْ ۖ فَلَمَّا زَاغُوا أَزَاغَ اللَّهُ قُلُوبَهُمْ ۚ وَاللَّهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفَاسِقِينَ ( 5 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 5
۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم مون کي ڇو ايذائيندا آھيو ۽ حالانڪ (اوھين) ڄاڻندا آھيو ته آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪيل آھيان، پوءِ جنھن مھل ڏنگائي ڪيائون ته الله سندن دلين کي ڏنگو ڪيو، ۽ الله بدڪار قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
وَإِذْ قَالَ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ إِنِّي رَسُولُ اللَّهِ إِلَيْكُم مُّصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيَّ مِنَ التَّوْرَاةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسُولٍ يَأْتِي مِن بَعْدِي اسْمُهُ أَحْمَدُ ۖ فَلَمَّا جَاءَهُم بِالْبَيِّنَاتِ قَالُوا هَٰذَا سِحْرٌ مُّبِينٌ ( 6 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 6
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن عيسىٰ پُٽ مريم جي چيو ته اي بني اسرائيلو بيشڪ آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪليل آھيان جيڪو توريت منھنجي اڳيان آھي تنھنجو سچو ڪندڙ آھيان ۽ ھڪ اھڙي پيغمبر جي خوشخبري ڏيندڙ آھيان جو مُون کانپوءِ ايندو جنھن جو نالو احمد ھوندو، پوءِ جنھن مھل اُھو چِٽن مُعجزن سان وٽن آيو چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.
وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ وَهُوَ يُدْعَىٰ إِلَى الْإِسْلَامِ ۚ وَاللَّهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ ( 7 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 7
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻَڌو حالانڪ ان کي اِسلام ڏانھن سڏيو ويندو آھي، ۽ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
يُرِيدُونَ لِيُطْفِئُوا نُورَ اللَّهِ بِأَفْوَاهِهِمْ وَاللَّهُ مُتِمُّ نُورِهِ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ ( 8 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 8
(اُھي ڪافر) گھرندا آھن ته الله جي نُور کي پنھنجي واتن سان وِسائين، حالانڪ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ وارو آھي توڻيڪ ڪافر مٺيان ڀانئين.
هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَىٰ وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُونَ ( 9 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 9
(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڻيڪ مشرڪ بڇان ڀانئين.
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ تِجَارَةٍ تُنجِيكُم مِّنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ ( 10 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 10
اي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟
تُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَتُجَاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللَّهِ بِأَمْوَالِكُمْ وَأَنفُسِكُمْ ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ ( 11 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 11
(ته) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ لڙائي ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.
يَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ وَمَسَاكِنَ طَيِّبَةً فِي جَنَّاتِ عَدْنٍ ۚ ذَٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ ( 12 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 12
اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشه (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
وَأُخْرَىٰ تُحِبُّونَهَا ۖ نَصْرٌ مِّنَ اللَّهِ وَفَتْحٌ قَرِيبٌ ۗ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِينَ ( 13 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 13
۽ ٻي (نعمت به ڏيندو) جنھن کي دوست رکندا آھيو، الله جي طرف کان مدد ۽ فتح ويجھي، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي.
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُونُوا أَنصَارَ اللَّهِ كَمَا قَالَ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ لِلْحَوَارِيِّينَ مَنْ أَنصَارِي إِلَى اللَّهِ ۖ قَالَ الْحَوَارِيُّونَ نَحْنُ أَنصَارُ اللَّهِ ۖ فَآمَنَت طَّائِفَةٌ مِّن بَنِي إِسْرَائِيلَ وَكَفَرَت طَّائِفَةٌ ۖ فَأَيَّدْنَا الَّذِينَ آمَنُوا عَلَىٰ عَدُوِّهِمْ فَأَصْبَحُوا ظَاهِرِينَ ( 14 ) As-Saff ( The Row ) - Ayaa 14
اي ايمان وارؤ الله جي دين جا مددگار ھجو جھري طرح عيسىٰ پٽ مريم جي پنھنجي خاص يارن کي چيو ته الله جي دين ۾ منھنجا مددگار ڪير آھن؟ انھن خاص يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون پوءِ بني اسرائيلن مان ھڪ ٽولي ايمان آندو ۽ ٻئي ٽوليءَ انڪار ڪيو، پوءِ ايمان وارن کي سندن دشمنن تي غلبو ڏنوسون پوءِ غالب ٿيا.

Random Books

Choose language

Choose Sorah

Random Books

Choose tafseer

Participate

Bookmark and Share