Sindhi - Sorah Fatir ( The Orignator )

Noble Quran » Sindhi » Sorah Fatir ( The Orignator )

Choose the reader


Sindhi

Sorah Fatir ( The Orignator ) - Verses Number 45
الْحَمْدُ لِلَّهِ فَاطِرِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ جَاعِلِ الْمَلَائِكَةِ رُسُلًا أُولِي أَجْنِحَةٍ مَّثْنَىٰ وَثُلَاثَ وَرُبَاعَ ۚ يَزِيدُ فِي الْخَلْقِ مَا يَشَاءُ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ ( 1 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 1
سڀ ساراھ خاص الله کي جُڳائي جو آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي ملائڪن کي قاصد ڪرڻ وارو آھي جو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چَئن چَئن پَرن وارا آھن، جيڪي گھري سو خلقت ۾ وڌائي ٿو، بيشڪ الله ھر شيء تي وس وارو آھي.
مَّا يَفْتَحِ اللَّهُ لِلنَّاسِ مِن رَّحْمَةٍ فَلَا مُمْسِكَ لَهَا ۖ وَمَا يُمْسِكْ فَلَا مُرْسِلَ لَهُ مِن بَعْدِهِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ ( 2 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 2
الله ماڻھن لاءِ (پنھنجيءَ) ٻاجھ مان جيڪي کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي بند ڪندو تنھنکي اُن (جي بند ڪرڻ) کانپوءِ ڪو کولڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
يَا أَيُّهَا النَّاسُ اذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ ۚ هَلْ مِنْ خَالِقٍ غَيْرُ اللَّهِ يَرْزُقُكُم مِّنَ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ ۚ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَأَنَّىٰ تُؤْفَكُونَ ( 3 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 3
اي ماڻھؤ پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، الله کانسواءِ ڪو بڻائيندڙ آھي ڇا؟ جو آسمان ۽ زمين مان اوھان کي روزي ڏئي ٿو، اُن (الله) کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
وَإِن يُكَذِّبُوكَ فَقَدْ كُذِّبَتْ رُسُلٌ مِّن قَبْلِكَ ۚ وَإِلَى اللَّهِ تُرْجَعُ الْأُمُورُ ( 4 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 4
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڪوڙو ڀائين ته بيشڪ تو کان اڳ (ٻيا ڪيترائي) پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا، ۽ سڀ ڪم الله ڏانھن موٽائجن ٿا.
يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّ وَعْدَ اللَّهِ حَقٌّ ۖ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْحَيَاةُ الدُّنْيَا ۖ وَلَا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الْغَرُورُ ( 5 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 5
اي ماڻھؤ بيشڪ الله جو اَنجام سچّو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي فريبيندڙ (شيطان) الله بابت اوھان کي فريبي.
إِنَّ الشَّيْطَانَ لَكُمْ عَدُوٌّ فَاتَّخِذُوهُ عَدُوًّا ۚ إِنَّمَا يَدْعُو حِزْبَهُ لِيَكُونُوا مِنْ أَصْحَابِ السَّعِيرِ ( 6 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 6
بيشڪ شيطان اوھان جو ويري آھي تنھنڪري اُن کي ويري (ڪري) وٺو، (ھو) پنھنجيءَ ٽوليءَ کي رڳو ھن لاءِ سڏيندو آھي ته دوزخين مان ٿين.
الَّذِينَ كَفَرُوا لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌ ۖ وَالَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ ( 7 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 7
جن ڪُفر ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
أَفَمَن زُيِّنَ لَهُ سُوءُ عَمَلِهِ فَرَآهُ حَسَنًا ۖ فَإِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشَاءُ وَيَهْدِي مَن يَشَاءُ ۖ فَلَا تَذْهَبْ نَفْسُكَ عَلَيْهِمْ حَسَرَاتٍ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ بِمَا يَصْنَعُونَ ( 8 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 8
جنھن لاءِ سندس بڇڙو ڪم سينگاريو ويو پوءِ اُن کي ھُن چڱو (ڪري) ڏٺو (سو چڱي ڪم ڪندڙ جھڙو ھوندو) ڇا؟ پوءِ بيشڪ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، تنھنڪري مٿن ارمان ڪرڻ سببان متان تنھنجو ساھ نڪري، ڇوته جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.
وَاللَّهُ الَّذِي أَرْسَلَ الرِّيَاحَ فَتُثِيرُ سَحَابًا فَسُقْنَاهُ إِلَىٰ بَلَدٍ مَّيِّتٍ فَأَحْيَيْنَا بِهِ الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ كَذَٰلِكَ النُّشُورُ ( 9 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 9
۽ الله اُھو آھي جنھن وائن کي موڪليو پوءِ اُنھن ڪڪر کي کنيو پوءِ اُن (ڪڪر) کي ويران ڳوٺ ڏانھن روانو ڪيوسون پوءِ اُن (جي پاڻيءَ) سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ جياريوسون، اھڙي طرح (قبرن مان) مُئن جو اُٿڻ آھي.
مَن كَانَ يُرِيدُ الْعِزَّةَ فَلِلَّهِ الْعِزَّةُ جَمِيعًا ۚ إِلَيْهِ يَصْعَدُ الْكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالْعَمَلُ الصَّالِحُ يَرْفَعُهُ ۚ وَالَّذِينَ يَمْكُرُونَ السَّيِّئَاتِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌ ۖ وَمَكْرُ أُولَٰئِكَ هُوَ يَبُورُ ( 10 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 10
جيڪو مانُ گھري (سو ياد رکي) ته سڀ مانُ الله ئي کي آھي (اُن وٽان عزت ملندي آھي)، ڏانھس پاڪ سُخن چڙھندو آھي ۽ اُن (پاڪ سُخن) کي چڱو عمل مٿي چاڙھيندو آھي، ۽ جيڪي بڇڙاين جي رٿ ڪندا آھن تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ اُھا ٺڳي اُنھن جي ٽٽندي.
وَاللَّهُ خَلَقَكُم مِّن تُرَابٍ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍ ثُمَّ جَعَلَكُمْ أَزْوَاجًا ۚ وَمَا تَحْمِلُ مِنْ أُنثَىٰ وَلَا تَضَعُ إِلَّا بِعِلْمِهِ ۚ وَمَا يُعَمَّرُ مِن مُّعَمَّرٍ وَلَا يُنقَصُ مِنْ عُمُرِهِ إِلَّا فِي كِتَابٍ ۚ إِنَّ ذَٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسِيرٌ ( 11 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 11
۽ الله اوھان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان (بڻايائين) وري اوھان کي جوڙو جوڙو (مڙس ۽ زال) ڪيائين، ۽ مادين مان ڪابه سندس علم کانسواءِ نڪي ڍُڪي ٿيندي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ نڪي ڪنھن وڏي عمر واري کي ڄمار ڏبي آھي ۽ نڪي سندس ڄمار مان (ڪجھ) گھٽائبو آھي مگر (اُھو) ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
وَمَا يَسْتَوِي الْبَحْرَانِ هَٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ سَائِغٌ شَرَابُهُ وَهَٰذَا مِلْحٌ أُجَاجٌ ۖ وَمِن كُلٍّ تَأْكُلُونَ لَحْمًا طَرِيًّا وَتَسْتَخْرِجُونَ حِلْيَةً تَلْبَسُونَهَا ۖ وَتَرَى الْفُلْكَ فِيهِ مَوَاخِرَ لِتَبْتَغُوا مِن فَضْلِهِ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ ( 12 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 12
۽ ٻه درياءَ ھڪ جھڙا نه آھن (جن مان) ھيءُ ھڪ مِٺو اُڃ لاھيندڙ آھي سندس پاڻي وڻندڙ آھي ۽ اُھو ٻيو کارو ڪوڙو آھي، ۽ ھر ھڪ مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائيندا آھيو ۽ زيور (يعني موتي منجھائن) ڪڍندا آھيو جي پائيندا آھيو، ۽ منجھس (پاڻي کي) چيريندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين (ھن لاءِ) ته سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
يُولِجُ اللَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُولِجُ النَّهَارَ فِي اللَّيْلِ وَسَخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ كُلٌّ يَجْرِي لِأَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۚ وَالَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِهِ مَا يَمْلِكُونَ مِن قِطْمِيرٍ ( 13 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 13
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مدت تي ھلندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي بادشاھي آھي، ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھيو سي کارڪ جي ککڙيءَ جي ڇلُ (جيتري ذري) جا (به) مالڪ نه آھن.
إِن تَدْعُوهُمْ لَا يَسْمَعُوا دُعَاءَكُمْ وَلَوْ سَمِعُوا مَا اسْتَجَابُوا لَكُمْ ۖ وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ يَكْفُرُونَ بِشِرْكِكُمْ ۚ وَلَا يُنَبِّئُكَ مِثْلُ خَبِيرٍ ( 14 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 14
جيڪڏھن کين سڏيو ته اوھان جو سڏ نه ٻڌندا، ۽ جيڪڏھن (کڻي) ٻڌن (به) ته به اوھان کي ورندي نه ڏيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن اوھان جي شريڪ ٺھرائڻ جا منڪر ٿيندا، ۽ توکي خبر رکندڙ جھڙي ڪوبه خبر نه ڏيندو.
يَا أَيُّهَا النَّاسُ أَنتُمُ الْفُقَرَاءُ إِلَى اللَّهِ ۖ وَاللَّهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيدُ ( 15 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 15
اي ماڻھو اوھين الله ڏانھن مُحتاج آھيو، ۽ الله اُھو بي پرواھ ساراھيل آھي.
إِن يَشَأْ يُذْهِبْكُمْ وَيَأْتِ بِخَلْقٍ جَدِيدٍ ( 16 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 16
جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ نئين خلق پيدا ڪري.
وَمَا ذَٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزِيزٍ ( 17 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 17
۽ اِھو (ڪم) الله کي اَوکو نه آھي.
وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَىٰ ۚ وَإِن تَدْعُ مُثْقَلَةٌ إِلَىٰ حِمْلِهَا لَا يُحْمَلْ مِنْهُ شَيْءٌ وَلَوْ كَانَ ذَا قُرْبَىٰ ۗ إِنَّمَا تُنذِرُ الَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُم بِالْغَيْبِ وَأَقَامُوا الصَّلَاةَ ۚ وَمَن تَزَكَّىٰ فَإِنَّمَا يَتَزَكَّىٰ لِنَفْسِهِ ۚ وَإِلَى اللَّهِ الْمَصِيرُ ( 18 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 18
۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ جيڪڏھن (گناھن جي) ڳوري بار وارو پنھنجي بار کڻڻ ڏانھن ڪنھن کي سڏيندو توڻيڪ مائٽي وارو ھوندو ته به منجھانئس ڪجھ به نه کنيو ويندو، تون ته انھن کي ڊيڄاري سگھندين جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپُٺ ڊڄندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ پاڪ ٿئي ٿو، ۽ الله ڏانھن موٽڻ آھي.
وَمَا يَسْتَوِي الْأَعْمَىٰ وَالْبَصِيرُ ( 19 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 19
۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه آھن.
وَلَا الظُّلُمَاتُ وَلَا النُّورُ ( 20 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 20
۽ نڪي اونداھيون ۽ نڪي سوجھرو.
وَلَا الظِّلُّ وَلَا الْحَرُورُ ( 21 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 21
۽ نڪي ڇانوَ ۽ نڪي اُس (پاڻ ۾ ھڪ جھڙا آھن).
وَمَا يَسْتَوِي الْأَحْيَاءُ وَلَا الْأَمْوَاتُ ۚ إِنَّ اللَّهَ يُسْمِعُ مَن يَشَاءُ ۖ وَمَا أَنتَ بِمُسْمِعٍ مَّن فِي الْقُبُورِ ( 22 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 22
۽ نڪي جيئرا ۽ نڪي مُئا برابر ٿين ٿا، بيشڪ الله جنھن کي گھري تنھن کي ٻڌائيندو آھي، ۽ تون ڪو قبر وارن کي ٻڌائيندڙ نه آھين.
إِنْ أَنتَ إِلَّا نَذِيرٌ ( 23 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 23
تون ته رڳو ڊيڄاريندڙ آھين.
إِنَّا أَرْسَلْنَاكَ بِالْحَقِّ بَشِيرًا وَنَذِيرًا ۚ وَإِن مِّنْ أُمَّةٍ إِلَّا خَلَا فِيهَا نَذِيرٌ ( 24 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 24
بيشڪ اسان توکي سچي دين سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ اھڙي ڪا ٽولي آھي ئي ڪانه جنھن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه گذريو آھي.
وَإِن يُكَذِّبُوكَ فَقَدْ كَذَّبَ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ جَاءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِالْبَيِّنَاتِ وَبِالزُّبُرِ وَبِالْكِتَابِ الْمُنِيرِ ( 25 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 25
۽ جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀائين ٿا ته کائن اڳين به بيشڪ ڪوڙو ڀانيو ھو، جن وٽ سندن پيغمبر چِٽن معجزن ۽ صحيفن سان ۽ پڌرن ڪتابن سان آيا ھوا.
ثُمَّ أَخَذْتُ الَّذِينَ كَفَرُوا ۖ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ ( 26 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 26
وري ڪافرن کي پڪڙيم ۽ منھنجي سزا ڪيئن ھئي.
أَلَمْ تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّمَاءِ مَاءً فَأَخْرَجْنَا بِهِ ثَمَرَاتٍ مُّخْتَلِفًا أَلْوَانُهَا ۚ وَمِنَ الْجِبَالِ جُدَدٌ بِيضٌ وَحُمْرٌ مُّخْتَلِفٌ أَلْوَانُهَا وَغَرَابِيبُ سُودٌ ( 27 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 27
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن کان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ميوا پيدا ڪياسون جن جا رنگ قسمين قسمين آھن، ۽ جبلن مان ٽُڪر آھن ڪي اڇا ۽ ڪي ڳاڙھا انھن جا طرحين طرحين رنگ آھن ۽ ڪي نھايت ڪارا (به) آھن.
وَمِنَ النَّاسِ وَالدَّوَابِّ وَالْأَنْعَامِ مُخْتَلِفٌ أَلْوَانُهُ كَذَٰلِكَ ۗ إِنَّمَا يَخْشَى اللَّهَ مِنْ عِبَادِهِ الْعُلَمَاءُ ۗ إِنَّ اللَّهَ عَزِيزٌ غَفُورٌ ( 28 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 28
۽ اھڙيءَ طرح ماڻھن ۽ چرندڙن ۽ ڍورن مان (به) جو انھن جا رنگ طرح طرح جا آھن (بڻاياسين)، الله کان سندس ٻانھن مان رڳو سمجھ وارا ڊڄندا آھن، بيشڪ الله غالب بخشڻھار آھي.
إِنَّ الَّذِينَ يَتْلُونَ كِتَابَ اللَّهِ وَأَقَامُوا الصَّلَاةَ وَأَنفَقُوا مِمَّا رَزَقْنَاهُمْ سِرًّا وَعَلَانِيَةً يَرْجُونَ تِجَارَةً لَّن تَبُورَ ( 29 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 29
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) الله جو ڪتاب پڙھندا آھن ۽ نماز (پوريءَ طرح) پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان ڳُجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن سي اھڙيءَ سوداگري جي اميد رکندا آھن جا ڪڏھن نه برباد ٿيندي.
لِيُوَفِّيَهُمْ أُجُورَهُمْ وَيَزِيدَهُم مِّن فَضْلِهِ ۚ إِنَّهُ غَفُورٌ شَكُورٌ ( 30 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 30
(ھن لاءِ) ته خُدا کين سندن اجر پورو ڏئي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ به ڏئي، ڇوته اھو بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.
وَالَّذِي أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ مِنَ الْكِتَابِ هُوَ الْحَقُّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ ۗ إِنَّ اللَّهَ بِعِبَادِهِ لَخَبِيرٌ بَصِيرٌ ( 31 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 31
۽ جيڪي توڏانھن ڪتاب مان وحي ڪيوسون سو سچ آھي جيڪي کانئس اڳ آھن تن کي به سچّو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
ثُمَّ أَوْرَثْنَا الْكِتَابَ الَّذِينَ اصْطَفَيْنَا مِنْ عِبَادِنَا ۖ فَمِنْهُمْ ظَالِمٌ لِّنَفْسِهِ وَمِنْهُم مُّقْتَصِدٌ وَمِنْهُمْ سَابِقٌ بِالْخَيْرَاتِ بِإِذْنِ اللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ الْفَضْلُ الْكَبِيرُ ( 32 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 32
وري انھن کي ڪتابن جو وارث ڪيوسون جن کي پنھنجن ٻانھن مان چونڊيوسون، پوءِ منجھائن ڪي پاڻ لاءِ ظالم آھن، ۽ منجھائن ڪي وچٿرا آھن، ۽ منجھائن ڪي الله جي حُڪم سان چڱاين ۾ اڳرائي ڪندڙ آھن، اِھوئي وڏو فضل آھي.
جَنَّاتُ عَدْنٍ يَدْخُلُونَهَا يُحَلَّوْنَ فِيهَا مِنْ أَسَاوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤْلُؤًا ۖ وَلِبَاسُهُمْ فِيهَا حَرِيرٌ ( 33 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 33
(انھن لاءِ ھميشه وارا باغ آھن) جن ۾ (اُھي) گھڙندا منجھن سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پھرائبن، ۽ انھن ۾ سندن لباس پَٽ ھوندو.
وَقَالُوا الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَذْهَبَ عَنَّا الْحَزَنَ ۖ إِنَّ رَبَّنَا لَغَفُورٌ شَكُورٌ ( 34 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 34
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن اسان کان (سڀ) ڏُک ٽاريا، بيشڪ اسان جو پالڻھار بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.
الَّذِي أَحَلَّنَا دَارَ الْمُقَامَةِ مِن فَضْلِهِ لَا يَمَسُّنَا فِيهَا نَصَبٌ وَلَا يَمَسُّنَا فِيهَا لُغُوبٌ ( 35 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 35
جنھن اسان کي پنھنجي فضل سان سدائين رھڻ واري ھنڌ لاٿو، نڪي اسان کي منجھس ڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اسان کي منجھس ڪو ٿَڪ پھچندو.
وَالَّذِينَ كَفَرُوا لَهُمْ نَارُ جَهَنَّمَ لَا يُقْضَىٰ عَلَيْهِمْ فَيَمُوتُوا وَلَا يُخَفَّفُ عَنْهُم مِّنْ عَذَابِهَا ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِي كُلَّ كَفُورٍ ( 36 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 36
۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آھي، نڪي مٿن حُڪم ڪبو ته مرن ۽ نڪي کائن اُن جي عذاب مان ڪي ھلڪو ڪبو، سڀڪنھن بي شُڪر کي اھڙي طرح سزا ڏيندا آھيون.
وَهُمْ يَصْطَرِخُونَ فِيهَا رَبَّنَا أَخْرِجْنَا نَعْمَلْ صَالِحًا غَيْرَ الَّذِي كُنَّا نَعْمَلُ ۚ أَوَلَمْ نُعَمِّرْكُم مَّا يَتَذَكَّرُ فِيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجَاءَكُمُ النَّذِيرُ ۖ فَذُوقُوا فَمَا لِلظَّالِمِينَ مِن نَّصِيرٍ ( 37 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 37
۽ اُھي (دوزخي) منجھس دانھون ڪندا، ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪڍ ته جيڪي ڪم ڪندا ھواسون تن ڌاران ٻيا چڱا ڪم ڪريون، (چيو ويندن ته) اوھان کي ايتري ڄمار نه ڏني ھئي سون ڇا ته جيڪو نصيحت وٺڻ گھري ھا سو منجھس نصيحت وٺي سگھي ھا؟ ۽ اوھان وٽ ڊيڄاريندڙ (به) آيو، تنھنڪري (پنھنجي ڪمائيءَ جو مزو) چکو ڇوته ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.
إِنَّ اللَّهَ عَالِمُ غَيْبِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ إِنَّهُ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ ( 38 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 38
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳُجھ) ڄاڻندڙ آھي.
هُوَ الَّذِي جَعَلَكُمْ خَلَائِفَ فِي الْأَرْضِ ۚ فَمَن كَفَرَ فَعَلَيْهِ كُفْرُهُ ۖ وَلَا يَزِيدُ الْكَافِرِينَ كُفْرُهُمْ عِندَ رَبِّهِمْ إِلَّا مَقْتًا ۖ وَلَا يَزِيدُ الْكَافِرِينَ كُفْرُهُمْ إِلَّا خَسَارًا ( 39 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 39
(الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ (اڳين جو) پيڙھيءَ وارو ڪيو، پوءِ جيڪو ڪُفر ڪندو تنھن تي سندس ڪفر (جو نقصان) آھي، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪُفر سندن پالڻھار وٽ ڏمر کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪفر ڇيئي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو.
قُلْ أَرَأَيْتُمْ شُرَكَاءَكُمُ الَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِ اللَّهِ أَرُونِي مَاذَا خَلَقُوا مِنَ الْأَرْضِ أَمْ لَهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمَاوَاتِ أَمْ آتَيْنَاهُمْ كِتَابًا فَهُمْ عَلَىٰ بَيِّنَتٍ مِّنْهُ ۚ بَلْ إِن يَعِدُ الظَّالِمُونَ بَعْضُهُم بَعْضًا إِلَّا غُرُورًا ( 40 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 40
(کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن پنھنجن (ٺھرايلن) بُتن کي سڏيندا آھيو سي ڏٺا اٿوَ ڇا؟ مون کي ڏيکاريو ته زمين مان ڇا بڻايو اٿن يا آسمانن ۾ سندن ڪا ڀائيواري آھي، يا کين ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُھي اُن جي پڌري حُجّت تي آھن؟ (نه!) بلڪ ظالم ھڪ ٻئي کي رڳو ٺڳيءَ جو انجام ڏيندا آھن.
إِنَّ اللَّهَ يُمْسِكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ أَن تَزُولَا ۚ وَلَئِن زَالَتَا إِنْ أَمْسَكَهُمَا مِنْ أَحَدٍ مِّن بَعْدِهِ ۚ إِنَّهُ كَانَ حَلِيمًا غَفُورًا ( 41 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 41
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي ڊھڻ کان نگاھ رکندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڊَھن ته خُدا کانسواءِ انھن کي ڪوبه ڪونه نگاھ رکندو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.
وَأَقْسَمُوا بِاللَّهِ جَهْدَ أَيْمَانِهِمْ لَئِن جَاءَهُمْ نَذِيرٌ لَّيَكُونُنَّ أَهْدَىٰ مِنْ إِحْدَى الْأُمَمِ ۖ فَلَمَّا جَاءَهُمْ نَذِيرٌ مَّا زَادَهُمْ إِلَّا نُفُورًا ( 42 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 42
۽ اُنھن پنھنجن پڪّن قسمن سان الله جو قسم کنيو ته جيڪڏھن وٽن ڪوبه ڊيڄاريندڙ آيو (تنھن مھل اُن جي اچڻ) کين رڳو نفرت وڌائي.
اسْتِكْبَارًا فِي الْأَرْضِ وَمَكْرَ السَّيِّئِ ۚ وَلَا يَحِيقُ الْمَكْرُ السَّيِّئُ إِلَّا بِأَهْلِهِ ۚ فَهَلْ يَنظُرُونَ إِلَّا سُنَّتَ الْأَوَّلِينَ ۚ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبْدِيلًا ۖ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَحْوِيلًا ( 43 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 43
مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙي رِٿ رِٿڻ سبب (نفرت ڪيائون)، ۽ بڇڙي رٿ رٿڻ (جو نتيجو) اُن جي ھلت ڪرڻ وارن کانسواءِ ٻئي تي نه پوندو آھي، تنھن ڪري رڳو اڳين جي (عذاب جي) دستور جا منتظر آھن، پوءِ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا مَٽ سَٽ نه ڏسندين، ۽ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا ڦيرگھير نه ڏسندين.
أَوَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَكَانُوا أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۚ وَمَا كَانَ اللَّهُ لِيُعْجِزَهُ مِن شَيْءٍ فِي السَّمَاوَاتِ وَلَا فِي الْأَرْضِ ۚ إِنَّهُ كَانَ عَلِيمًا قَدِيرًا ( 44 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 44
زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا جو ڏسن ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي ٿي اُھي کائن سگھ ۾ به تمام ڏاڍا ھوا، ۽ الله اھڙو نه آھي جو کيس آسمانن ۾ ڪابه شيء ٿڪائي ۽ نڪي زمين ۾ (ٿڪائي)، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
وَلَوْ يُؤَاخِذُ اللَّهُ النَّاسَ بِمَا كَسَبُوا مَا تَرَكَ عَلَىٰ ظَهْرِهَا مِن دَابَّةٍ وَلَٰكِن يُؤَخِّرُهُمْ إِلَىٰ أَجَلٍ مُّسَمًّى ۖ فَإِذَا جَاءَ أَجَلُهُمْ فَإِنَّ اللَّهَ كَانَ بِعِبَادِهِ بَصِيرًا ( 45 ) Fatir ( The Orignator ) - Ayaa 45
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ڪرتوتن سببان پڪڙي ھا ته ڪو چُرندڙ زمين جي پُٺيءَ تي نه ڇڏي ھا پر ٺھرايل مُدّت توڻي کين مُھلت ڏئي ٿو، پوءِ جڏھن سندن مُدت آئي تڏھن بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.

Random Books

Choose language

Choose Sorah

Random Books

Choose tafseer

Participate

Bookmark and Share